واشنگٽن -04 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي ??يمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گه??تا??ي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ”ڪموڊٽي مارڪيٽس آئوٽ لڪ“ جي ??الي سان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ موجب جاري سال دوران برينٽ تيل جي سراسري قيمت 80 ڊالر في بيرل، 2025ع ۾ 73 ڊالر ۽ 2026ع ۾ 72 ڊالر في بيرل رهڻ جو امڪ??ن آهي. جيو پوليٽڪل ??ڪرار خاص ڪري وچ اوڀر جي صورتحال سبب تيل جي ??يمتن ۾ اضافي جو خدشو آهي، جڏه?? ته رسد ۾ اضافي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکندي تيل جي ??يمتن ۾ ڊگهي عرصي تائين گهٽتائي جو امڪان به آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ ڪچي تيل جي روزانو رسد 105 ملين بيرل تائين ٿيڻ جو امڪ??ن آهي جيڪو جاري سال جي ڀيٽ ۾ 2 ملين بيرل روزانو وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته زرعي جنسن جي ??يمتن ۾ استحڪام جي اميد آهي، 2024ع کان پوءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ زرعي جنسن جي ??يمتن ۾ 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي جا امڪ??ن آهن. سازگار موسمي حالتن ۽ پيداوار ۾ اضافي سبب کاڄرو تيل جي ??يمتن ۾ به گهٽتائي جي اميد آهي، ان جي ابتڙ چاڪليٽ ۽ ڪافي جهڙين مصنوعات جون قيمتون بلند رهڻ جو امڪان به آهي. عالمي بئنڪ جي اڳڪٿي مطابق ڌاتن جون قيمتون ايندڙ 2 سالن ۾ مجموعي طور مستحڪم رهڻ جڏه?? ته لوهه جي ??يمتن ۾ گهٽتائي جو امڪ??ن آهي.
توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهٽتائي جو امڪان آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش