غزه -10 جنوري(اي پي پي) غزه ۾ سال 2025 ع جي پهرين ستن ڏينهن دوران لڳاتار تشدد سب 74 ٻار فوت ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ٻارن واري اداري يونيسيف جي ايگزيڪيو ٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو آهي ته غزه جي ٻارن لاءِ نئون سال وڌيڪ فوتگيون ۽ تڪليفون کڻي آيو آهي. انهن اسرائيل حملن، محرومين ۽ سيءُ جا اثر شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته يونيسيف ڊگهي عرصي ??ان خبردار ڪ??ي رهيو آهي ته نه هجڻ جي برابر پناهه گاهون، غذائيت ۽ صحت جي سهولت جي گهٽتائي، صفائي جي خراب صو??تحال ۽ ٿڌ غزه جي سمورن ٻارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، خاص ڪري نوان ڄاول ٻار ۽ اهي ٻار جن کي طبي مسئلا درپيش آهن اهي وڌيڪ خطري جو شڪار آهن. يونيسيف غزه جي ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جلد قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria