اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مخالف ڌر پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم ن??از شريف کان ڊنل آهي، هو پنهنجا سياسي مقصد ح??صل ڪرڻ لاءِ مريم ن??از شريف جو نالو ڊان ليڪس جي معاملي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي ڌيءَ جي خلاف بي بنياد الزامن تي ٻڌل بيان بازي جو مقصد سندن سياسي ساک کي نقصان پهچائڻ آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ چائنه ڪلچر سينٽر جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مبينا ڌانڌلي خلاف ڌرڻي دوران تحريڪ انصاف جي قيادت مريم ن??از کي نشانو بڻايو، پاناما ڪيس دوران به اهو ئي رويو اختيار ڪيو ۽ سندن هڪ سال ۽ 17 ڏينهن ميڊيا ٽرائيل ڪيو ويو ۽ هاڻي ڊان ليڪس رپورٽ اچڻ واري آهي پر مخالف ڌر جي پارٽين وري مريم ن??از شريف خلاف ڪنهن ثبوت کانسواءِ الزام تراشي شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته وزيراعظم ن??از شريف جي ڌيءَ خلاف بي بنياد الزامن تي ٻڌل بيان بازي جو مقصد سندس سياسي ساک کي نقصان پهچائڻ آهي تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي رحمت سان سپريم ڪورٽ مريم ن??از کي وزيراعظم جي زير ڪفالت ۽ لنڊن زمين جي مالڪ هجڻ جي پاڪستان تحريڪ انصاف جي دعويٰ کي رد ڪيو.
مخالف ڌر مريم نواز شريف کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج