اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چ??و آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاناما ليڪس ڪيس ۾ درخواست گذارن طرفان وزيراعظم محمد نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ، شريف خاندا?? جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ، مني لانڊرنگ سميت 7 الزام رد ڪري ڇڏيا آهن، اهڙن خيال?? جو اظهار ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ايم اين اي دانيال عزيز سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواهشن جي سمورين درخواس??ن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف ۽ اسان جي پارٽي سرخرو ٿي، اڄ جمعي ڏينهن شڪراني جا نف?? ادا ڪنداسين، پاڪستان ۽ وزيراعظم جي ڪاميابين لاءِ دعائون گهريون وينديون.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2