اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??وا?? شريف فلم انڊسٽري جي بحالي ۽ فنڪارن جي مالي معاملن ۾ بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ پرائم منسٽر آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت پاران موڪليل تجويزن کي نظر ۾ رکندي فلم کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪريان ٿو. وزيراعظم محمد ??وا?? شريف پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فن ۽ فنڪار پاڪستاني معاشري ۽ ان سان واڳيل روايتن ??ا اهي امين آهن جن عالمي افق تي هن پاڪ سرزمين جي تشخص، ثقافت، ورثي ۽ ادب کي زندهه ۽ باضمير قومن جي صف ۾ آڻي بيهاريو. هن چيو ته هن فلمي صنعت جي بحالي کي يقيني بڻائڻ اسان جي اولين فرضن ۾ شامل هو ۽ آئون انتهائي خوشي سان هن صنعت سان واڳيل فنڪارن ۽ هنرمندن جي لاءِ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ خصوصي پئڪيج جو اعلان ڪري رهيو آهيان.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania