ڪولمبو – 24 فيبروري (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪاروباري برادري جي تجويزن کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ڪولمبو ۾ پاڪستان سريلنڪا واپاري ۽ سيڙپڪاري ڪانفرنس 2021ع ۾ ش??ڪت ڪندڙ ڪاروباري برادري جي نما??ند?? ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي سريلنڪا جي دوري ۽ سريلنڪا جي حڪومت ۽ ڪاروباري شعبي سان تعميري ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو. پاڪستان جي ڪاروباري برادري چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان ٻنهي جا ڪاروباري طبقا واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پوري طر?? تيار آهن.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ