اسل??م آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته خصوصي ماڻهن جي بني??دي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان سوئيٽ ه??م جي خصوصي ٻارن جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. اسپيڪر خصوصي تقريب ۾ گهرائڻ تي انتظاميا جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان سوئيٽ ه??مز کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته هو شوڪت خانم جو چندو گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ عمران خان سان گڏ رهي?? آهي، بحيثيت سماجي ڪارڪن عمران خان جي قافلي ۾ شامل ٿيس، قومي اسيمبلي کان وڏو ڪو فورم نه آهي ۽ خصوصي ماڻهن بابت هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اسپيڪر معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي لاءِ قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم جو احساس پروگرام ساراهه جوڳ?? آهي، پناهگاهه جي پروگرام سان ڪير بکيو نه سمهندو. اسپيڪر چيو ته هو هڪ عام ماڻه?? آهي ۽ الله کيس تمام گهڻي عزت ڏني، سياستدان جيڪڏهن پنهنجي ماڻهن جي لاءِ سياست ڪن ته اسان جي قوم ترقي ڪندي. اسپيڪر چيو ته اسان جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ خيرات ۽ عطيو ڏيندڙ ماڻه?? آهن ۽ اعتماد بحال ٿيڻ تي اسان جا ماڻهو تيڪس به ڏيندا. هن چيو ته اسٽريٽ چلڊرن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سان سندس ڳالهه ٿي آهي. اسٽريٽ چلڊرن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي. اسپيڪر چيو ته خصوصي ماڻهن جي بني??دي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي?? آهيان.
خصوصي ماڻهن جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔