اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته قبضو ڪيل زمين کي آجو ڪرائ?? لاءِ قانون سختي سان لاڳو ڪرڻ کي ي??ين?? بڻايو وڃي. اها هدايت هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.
اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ ٻيلن جي زمينن جي حفاظ?? کي ي??ين?? بڻائي رهي آهي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلي هن وقت پاڪستان سميت سڄي دنيا جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قبضي واري زمين کي آجي ڪرائ?? لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڪيڊسٽرل ميپنگ سان ڊيڊ ڪيپٽل جي نشاندهي ۽ ان جو بهتر استعمال ممڪن ٿي سگهندو.
اجلاس کي سي ڊي اي ??يئ??مين اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته سيڪٽرI-15 جي تڪميل هڪ سال جي ٿوري مدي ۾ ي??ين?? بڻائي وئي، نئون پاڪستان هائوسنگ تحت فراش ٽائون ۽ ٻيا انفرااسٽرڪچر جا منصوبا به جلد مڪمل ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ٻيلن جي زمين جي رڪارڊ ڊجيٽلائيزيشن به تقريبن ممڪن ٿي چڪي آهي، اجلاس کي سرويئر جنرل طرفان ڪيڊسٽرل ميپنگ تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، سي ڊي اي ??يئ??مين ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ لاهور سميت پوري ملڪ ۾ ڊجيٽل ميپنگ ۽ سرڪاري زمينن جي نشاندهي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اجلاس ۾ اسپيشل/سائيٽ ڊولپمينٽ زونز تي به بريفنگ ڏني وئي، سي ڊي اي ??يئ??مين ٻڌايو ته ڊولپمينٽ زونز پيري اربن سيٽلمنٽس کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ي??ين?? بڻائينداسين، منصوبي سان زمين جو بهتر استعمال ۽ غير قانوني سوسائيٽين جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي.