اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته و??يراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعل??ن ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته و??يراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعل??ن ڪيو جيڪا جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي. هن چيو ته ??ن ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته و??يراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذر??عن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته و??يراعظم قيدين جي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذر??عن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن. پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته و??يراعظم شهباز شريف جوهر ٽائون ۾ قائم رمضان بازار جو اوچتو دورو ڪيو ۽ عوام کي رمضان مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي خصوصي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری