اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان کي آئين شڪني ??ي مٿان غنڊا گردي قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين جي گهرجن جي ڳالهه عمران صاحب جي سياسي منافقت آهي، اهي ڪئين دوکا ڏئي رهيا آهن؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران نيازي قومي اسيمبلي ۾ آئين شڪني ۽ غنڊا گردي ڪري جيڪو شرمناڪ تماشو ڪيو، انهي کي پنجاب ۾ و??جايو ويو، هن چيو ته عمران نيازي ۽ سندس ڪٺ پتلين جي رويي جي ڪري عدالتن جا دروازا آڌي رات جو کوليا ويا، رات جي انڌاري ۾ چورن وانگر هنن آئين ۽ پارليامينٽ تي راتاهو هنيو ته رات جو عدالت لڳي. هن چيو ته عمران نيازي ڏينهن جي روشني ۾ آئين کي پائمال ڪندو آهي ۽ غنڊا گردي ڪندو آهي. وفاقي وزير چيو ته توهين عدالت جا مجرم عدالت کان نوٽيس وٺڻ جون ا??يل??ن ڪهڙي منهن سان ڪري رهيا آهن؟ پهرين بوگس چونڊن سان ڏوهاري ڪٺ پتلي عمران نيازي پاڪستان تي مڙهيو ويو، پوءِ آئين شڪني ڪري ٻٽو آئيني ??رم ڪيو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي عوام جي دولت ڦري، باوقار آئيني ??هدي کي فرح گوگي جي ذريعي مال بڻائڻ جو ذريعو بڻايو. عمران نيازي پنهنجي شيطاني ڪاري ڪردار کي ڏسي جنهن جي تاريخ سدائين مذمت ڪندي رهندي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي حڪم تي آئيني ??هدن جي توهين ڪئي وئي، صدر، گورنر، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سڀني ??ئين پائمال ڪيو.
عمران خان جو بيان آئين شڪني جي مٿان غنڊا گردي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ