اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدمن جي خلاف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ??شم??ر جي عوام ان ڏينهن کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کانپوءِ والاريل ??شم??ر ۾ مسلمانن جي آبادي جي تناسب کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت هڪ منصوبابندي طريقي تي ??شم??رين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، مودي جي قيادت ۾ ڀارتي انتهاپسندن خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??شم??ر تي 75 سالن کان جاري غيرقانوني ڀارتي قبضي ۽ ڀارتي قابض فوج جي انتهائي ڏاڍ ??شم??رين جي آزادي جي ج??بي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قومون ??شم??ر بابت پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته ??شم??ري عوام ۽ انهن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي آزادي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.
پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي: شيخ عبدالمتين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات