ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي مت??ثر??ن جي نقصانن جي ازالي لاءِ گڏيل سروي جي ضرورت آهي ته جيئن حقدار کي ان جو حق ملي سگهي، ٻوڏ مت??ثر??ن کي ملندڙ امداد انهن مت??ثر??ن تي خرچ ٿيڻ گهرجي، چيف سيڪريٽري مت??ثر??ن جون جائز ضرورتون پوريون ڪري، وفاقي حڪومت مت??ثر??ن جي مدد لاءِ هر وقت موجود آهي. وزيراعظم ڊيره غازي خان، راجن پور ۽ لسٻيلا جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ڊيره غازي خان پهچڻ تي کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن، ريليف ۽ بحالي جي قدمن بابت بري??نگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ فوتگين تي معاوضي جي فوري اد??ئي??ي جاري آهي، فصلن ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصانن جي گڏيل سروي ڪنداسين. ان ڏس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته فوج جي مدد لاءِ آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اهي به انهن جي معاونت ڪندا. ان گڏيل سروي جو مقصد اهو آهي ته حقدار کي ان جو حق ملي ۽ ڪو به حقدار ان ک??ن محروم ن?? رهي. هن چيو ته گڏيل سروي تمام فائديمند هوندي، ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اجلاس گهرائي انفراسٽرڪچر، روڊن، پلين، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جي ازالي لاءِ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته عوام جو پئسو ڪنهن جي جاگير نه آهي، اهو پئسو انهن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ مت??ثر??ن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت پسند، ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. بري??نگ دوران وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو مت??ثر??ن جا جائز مطالبا حل ڪري. هن چيو ته سروي کي سياسي پسند ۽ ناپسند کان بچائڻ لاءِ هر جڳهه تي گڏيل سروي جي هدايت ڪئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار رياض محمود خان مزاري، اسلم ڀوتاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز به وزيراعظم سان گڏ هئا. پنجاب اسيمبلي جو ميمبر اويس لغاري به وزيراعظم کي متاثر علائقن جي صورتحال تي بري??نگ ڏني. وزيراعظم کي اتي ٻوڏ مت??ثر??ن جي جاري مدد تي تفصيلي طور تي بري??نگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 104 فوتگيون ٿيون، فصل ۽ گهر تباهه ٿيا. وزيراعظم ڊيره غازي خان ۾ ٻوڏ مت??ثر??ن سان ملاقات به ڪئي.
ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي نقصانن جي ازالي لاءِ گڏيل سروي جي ضرورت آهي ته جيئن حقدار کي ان جو حق ملي سگهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات