مظفر آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي ص??ر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي، ته سڄي قوم جشن آزادي ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ سڄي دنيا جي سڀ کان وڏي نظرياتي اسلامي مملڪت پاڪستان وجود ۾ آيو. پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي گڏيل قومي امنگن ۽ آرزوئن جو مظهر آهي، 14 آگسٽ 1947ع هڪ تاريخ ??از ڏينهن هو، جڏهن علامه اقبال جي خواب جي تعبير ٿي. يوم آزادي پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام ٻه قومي نظرئي جو نتيجو آهي ۽ ان نظرئي جي بني??د تي جڏهن پهريون ڀيرو علامه اقبال ننڍي کنڊ کي تقسيم ڪري مسلمانن لاءِ ڌار مملڪت جي قيام جو تصور پيش ڪيو هو ته ان جي وضاحت ڪندي هن مسلمانن جي قومي سڃاڻپ ۽ اسلام جي تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن ۽ روايتن تي خاص زور ڀريو هو ۽ چيو ته قائداعظم ٻه قومي نظرئي جي بني??د تي مسلم لي?? کي منظم ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ??ڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪيو، انهن کي ??نهنجي مقصد جي ص??اقت ۽ مسلمان عوام جي اجتماعي فهم ۽ فراست تي غير متزلزل يقين ۽ اعتماد هو. صدر چيو ته ڀارت طرفان ان جي آئين ۾ تازي ترميمن مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام کي طاقت جي زور تي دٻائڻ چاهي ٿو. هن وقت والاريل ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ آهي ۽ بنيادي انساني حقن تي پابندين جي شديد مذمت ڪيون ٿا.
اڄوڪي ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح جي مدبرانه ۽ بي لوث قيادت ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي نظرياتي اسلامي مملڪت پاڪستان وجود ۾ آيو: آزاد ڪشمير جو صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات