صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اس??ول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن اس??ول ۾ ت??لي?? هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سموريون جديد سهولتون دستياب هونديون، انهن کي ٽيبليٽ ڏنا و??ند??، ان جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، اهي ٻار اسان جو فخر بڻجندا. ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ڪئمپ ۾ قائم اس??ول جي ٻارن ۾ گهلي ملي ويو. وزيراعظم ٻارن کان قومي ترانو به ٻڌو. جڏهن ته ٻارن نظم به ٻڌايا. وزيراعظم ٻارن کي شاباس ڏيندي چيو ته هو محنت سان ت??لي?? حاصل ڪن، پاڻي لهڻ کانپوءِ انهن کي جلد پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪيو ويندو. انهن جي والدين جي فصل کي پهچندڙ نقصان جو معاوضو ڏ??ند??سين، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم فراهم ڪئي آهي. متاثر علائقن ۾ سٺا اس??ول ۽ اسپتالون ٺاه??ند??سين، متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏ??ند??سين. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سڀني ادارن سان گڏجي ڀرپور مدد ڪنديون. هن چيو ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ عملدارن کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڌيئرون اسان جو مست??بل آهن، اهي وڏيون ٿي قوم جو فخر بڻجنديون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن ٻارن جي لاءِ هڪ جديد ماڊل اس??ول بڻايو وڃي، جنهن جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت کڻندي ان اس??ول جي لاءِ بهترين استادن جون خدمتون ورتيون وينديون. هتي ت??لي?? هيٺ ٻارن کي ڪتاب ۽ يونيفارم مفت فراهم ڪيا و??ند??. جڏهن ته انهن کي ٽيبليٽ به فراهم ڪيا و??ند??. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ طبي سهولتن جو جائزو به ورتو. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ موجود پيراميڊيڪل اسٽاف وزيراعظم کي طبي سهولتن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت بحال ٿيڻ تي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سڀني متاثرين کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم ادا ڪئي وڃي.
وزيراعظم پاران صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن