نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي واپار ۽ پرڏيهي وزير پيٽرز زيجارتو سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي ت?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها ملاقات نيويارڪ ۾ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هنگري سان ٻطرفن ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي غور ڪيو ويو جن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، ثقافت، دفاع ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت معاملا شامل آهن. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعا??ن کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ت?? هنگري پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ر دوست ماحول مان فائدو کڻي پاڪستاني ڪمپنين سان خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگ??ي ٿو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن جو به جائزو ورتو.
بلاول ڀٽو زرداري جي هنگري جي واپار ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں