شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نالو نڪرڻ تي يورپي م??ڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفو واپار و??ائڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي، ماحولياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪلائمينٽ امپلي م??نٽيشن سمٽ جي م??قعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين ڪمشنر ارسلاوون ڊيرلين ملاقات ڪئي. وزيراعظم يورپي يونين ملڪن جي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي جذبي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اهم حصيدار آهن، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي، اسرندڙ ??لڪن اڄ جن اثرن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، سڀاڻي سموري دنيا کي ان جو ??مي??زو ڀوڳڻو پوندو. وزيراعظم فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ ۾ يورپي م??ڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته يورپي يونين ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو واپار و??ائڻ جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. يورپي يونين جي ڪمشنر ماحولياتي تبديلين کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين ڪمشنر ارسلاوون ڊيرلين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس