پشاور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غيرمتعدي مرضن بابت وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سياسي قيادت ۽ ميڊيا سميت سڀني ڌري?? جي فعال ڪردار جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته اسان کي بيمارين کان بچڻ جي لا??ِ اڳ ۾ ئي احتياطي تدبيرن جو رواج اختيار ڪرڻو پوندو، انهي احتياط سان ڪورونا جهڙي موذي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي (ڪي ايم يو) ۾ غيرمتعدي مرضن بابت ٿيندڙ ٽئين عالمي پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس دوران خاص مهما?? جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر عابد جميل، نگران وڏي وزير اعظم خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، وائيس چانسلر ڪي ايم يو ڊاڪٽر ضياءَ الحق ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر جو پنڊال ۾ پهچڻ تي آجيان ڪئي وئي ۽ کيس عالمي ڪانفرنس جي مقصدن بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ عالمي ڊاڪٽرن، صحت جي ماهرن، اسڪالرز، ڪي ايم يو جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ڪينسر سميت گهڻيون بيماريون غيرمتعدي هونديون آهن ۽ جيڪڏهن انه?? جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته شروعاتي مرحلن ۾ علاج سان قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چي?? ته ڦڦرن جو ڪينسر به قابل علاج آهي، جيڪڏهن وقت سر سُڃاڻپ ٿي وڃي، جيڪڏهن دير سان سُڃاڻپ ۽ علاج ٿئي ته حياتي کسيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن تجويز ڏني ته صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي لا??ِ متعدي ۽ غيرمتعدي مرضن بابت عوام ۾ آگاهي لا??ِ ميڊيا تي خاص طور تي مارننگ شوز دوران خصوصي پروگرام نشر ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي ڪيترين ئي زندگين کي بچائڻ جي لا??ِ اڳ کان ??وج??د صحت جي پاليسين کي عملي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چي?? ته اسان وٽ سڀئي گهربل پاليسيون ??وج??د آهن پر ان تي عملدرآمد جي کوٽ آهي. هن چي?? ته تيزي سان وڌندڙ آبادي معيشت ۽ قومي وسيلن تي غيرمعمولي دٻاءُ وجهي رهي آهي. هن معاشي ۽ وسيلن ۽ آبادي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لا??ِ آبادي ۽ غربت جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ اهم قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چي?? ته سياسي قوت?? جي وچ ۾ جهيڙن سان شايد ئي ڪو مقصد هجي پر قومي ترجيح مسئل?? جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ڊاڪٽر ڪميونٽي کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ صحتمند ۽ خوشحال معاشري جي لا??ِ ذهني طور تي تيار ڪن ۽ علاج جي دوران پنهنجي مريضن کي قائل ڪن. هن چي?? ته اسان کي ٻاهرئين ملڪن مان آيل ڊاڪٽر?? جي لا??ِ اهڙو ماحول مهيا ڪرڻو پوندو جنهن ۾ رهندي اهي ملڪ جي اندر آساني سان مختلف مريضن جو علاج ڪري سگهن. ڊاڪٽر?? جي لا??ِ ملڪ جي اندر سهولتُون هونديون ته اهي بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهندا.
بيمارين کان بچڻ جي لاءِ اڳ ۾ ئي احتياطي تدبيرن جو رواج اختيار ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی