اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪپهه جي ??بادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪرڻ جي ??صولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪپهه جي ??پورٽ پرائيس جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي ??پورٽ پرائيس مقرر ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، واهه جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي ??حران سبب ڪپهه جي پيداوا?? ۾ ??اطرخواهه گهٽتائي ٿي. هلندڙ سال ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلس لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڪپهه جي ??پورٽ پرائيس ۽ حڪومتي قدمن سان نه رڳو ڪپهه جي پيداوار جي ??مين تي في ايڪڙ پيداوا?? ۾ ??اطرخواهه اضافو متوقع آهي. اجلاس ۾ ڪپهه جي ??يڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن سان ڀيٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون آبادگارن کي ڪپهه جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائين. وفاقي حڪومت مقرر ڪيل سپورٽ پرائيس تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوا?? ۾ ??ضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪپهه جي فصل جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت تيز رفتاري سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري. ڪپهه پاڪستان جي پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ فصل آهي. وزيراعظم چيو ته ڪپهه اسان جي ٽيڪسٽائيل جي ??نعت جي ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿي. اسان ڪپهه جي ??بادگارن کي سهولتون فراهم ڪري انهن جي پيداوا?? ۾ ??ضافو ڪنداسين، ان سان نه رڳو ٽيڪسٽائيل جي ??رآمد ۾ اضافو ٿيندو پر ڪپهه جي ??رآمد تي خرچ ٿيندڙ واري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وزيراعظم فوري طور تي انهن قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز