اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اڄ ٿرپارڪر سنڌ جي هڪ ڏينهن ??ي دوري دوران تاريخي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيرا??ظم آفيس ج?? ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٿرپارڪر ۾ 1320 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نوو?? پاورت پلانٽ منصوبن جو افتتاح ڪندو. ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ انهن منصوبن سان ساليانو 11.24 ارب رپيا گهٽ لاڳت بجلي جا يونٽ پيدا ٿيندا. 3.53 ارب ڊالر جي مجموعي سڌوسنئون سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ انهن منصوبن جي افتتاح سان ٿر جي ڪوئلي سان بجلي جي موجوده پيداوار وڌائي 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي. گذريل چئن سالن ۾ انهن منصوبن کي تعطل جو شڪار رکيو ويو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي انهن منصوبن جي پڄاڻي کي اولين ترجيح بڻايو ويو. وزيرا??ظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ