اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ايندڙ مالي سا?? 24-2023ع دوران ورڪنگ جرنلسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ??ند??. نجي نيوز چئنل سا?? ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته رٽائرڊ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو ته حڪومت وفاقي سرڪاري ملازمن کي ايڊهاڪ رليف الائونس جي شڪل ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين لاءِ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 22-17 تائين لاءِ 30 سيڪڙو جو رليف ڏنو پيو وڃي. انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي حوالي سا?? وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت انهن طرفان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي ??ڌ هولڊنگ ٽيڪس ٻيهر لاڳو ڪيو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ رليف قدمن جو اعلان ??ند?? اسحاق ڊار چيو ته حڪومت وڌندڙ مهانگائي سبب انهن جي مالي مشڪلاتن جو احساس ??ند?? پگهارن ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي 30 کان 35 سيڪڙو ۽ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. هن چيو ته ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو مقصد خريداري جي قوت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) ۾ گهٽ ۾ گهٽ پينشن کي 12 هزار روپيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار ڏه??ڙي 25 هزار روپين کان وڌائي 32 هزار روپيا ڪرڻ جي تجويز کي به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
عملي صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيا ويندا: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت