اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪارروائي مڪمل ڪري واقعي جي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي صدارت ۾ يونان و??جهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، ڊي جي ايف آءِ اي، چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي يونان و??جهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف پڇاڻو ڪيو ته ان??اني اسمگلرن جون ڪارروايون و??ت سر ڇو نه روڪيون و??ون؟ وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته متاثر ماڻهن جو جن ضلعن سان تعلق آهي اتان جي ان??ظاميا ملوث اسمگلرن ۽ ايجنٽن جي ڪاررواين جو وقت سر نوٽيس ڇو نه ورتو؟ وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي جاچ جي مڪمل نگراني ڪرڻ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان ضروري قانونسازي جي لاءِ تجويزون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و زيرعاظم کي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يوناني ڪوسٽ گارڊ 12 جون تي ٻيڙي جي نشاندهي ڪئي جنهن ۾ هڪ ان??ازي موجب 700 جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا. ٻيڙي مصري شخص جي ملڪيت هئي جنهن ۾ اڪثر سوارن جو تعلق شام، ليبيا ۽ پاڪستان سان هو. ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن مان 102 ماڻهن کي زندهه ريسڪيو ڪيو ويو آهي جن مان 15 جو تعلق پاڪستان سان آهي. وزيراعظم چيو ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ هن و??ت تائين مجموعي طور تي 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ ان واقعي جو مرڪزي جوابدار به شامل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان??اني اسمگلنگ ۾ مختلف ملڪن ۾ موجود هڪ منظم ??يٽ ورڪ ملوث آهي. وزيراعظم ان معاملي جي تفصيلي جاچ کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي ان جي روڪٿام جا موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪمشنر گوجرانوالا کي پڻ ضلعي ۾ اهڙن ايجنٽس جي نشاندهي ڪري انهن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪارروائي مڪمل ڪري واقعي جي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo