پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جيڪو پيرس ۾ ”نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ“ جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ??را??س جي دوري تي آهي، هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ جاري پروگرامن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 27 مئي 2023ع تي ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معاشي ت??قي ۽ استحڪام جي لاءِ حڪومتي قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) تحت نائين جائزي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيندڙ پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته آءِ ايم ايف جي اي ايف ايف تحت مختص فنڊز جلد ک??ن جلد جاري ڪيا ويندا ان سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي جاري ڪوششن کي سگهه ملندي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم کي جائزو وٺڻ جي جاري عمل جي حوالي سان پنهنجي اداري جي موقف کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات سان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان فائديمند موقعو مليو. ملاقات ۾ ماحولياتي ت??ديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊ??ڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ??را??س ۾ پاڪستان جو سفير عاصم افتخار احمد پڻ موجود هئا.
وزيراعظم جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania