اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب باجوڙ ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصانن تي پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولان?? فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وف??قي وزير چيو ته باجوڙ جي علائقي خار ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪريان ٿي، جنهن ۾ قيمتي جانين جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولان?? فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن چيو ته هي واقعو ??بوت آهي ته دهشتگردن جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسان??ت، معصوم جانين سان ڪو به تعلق نه آهي. وف??قي وزير چيو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي مذمت، قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : راکی