اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ نار??ي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته نار??ي جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي عل??ئق??ئي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ٻطرفي سياسي مشاورت کانپوءِ ٿيندڙ ??ڳڀ??ائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، جهاز راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ ??عا??ن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناروي پاڪستان جو هڪ اهم سيڙپڪاري پارٽنر آهي. نار??ي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان کي ڪائونسل سان پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل