اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني صحت جي ??سئلن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مختلف مسئلا درپيش آهن، ذهني صحت جي خدمتن جي ??راهمي جي ??اءِ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻو پوندو، نفسياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ضرورت آهي. هو ذهني صحت بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير سميت صوبائي کاتن ۽ نفسياتي صحت تي ڪم ڪندڙ ادارن جي ??مائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت واري وزارت پاران ذهني صحت جي ايپ ”همراز??? ت?? روشني وڌي وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اپريل 2023ع ۾ ۾ قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 240000 کان وڌيڪ ڪالز موصول ٿي چڪيون آهن. صدر ذهني صحت جي خدمتن جي ??راهمي لاءِ همراز ايپ قائم ڪرڻ کي ساراهيو ۽ ذهني صحت تي معاونت جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ همراز ايپ موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته ذهني صحت پاڪستان جي ??اءِ هڪ اهم مسئلو آهي، سرڪاري ۽ نجي شع??ن جي ??هارت استعمال ۾ آڻڻ جي ??اءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، ذهني صحت بابت سمورن قدمن تي هڪ ٺوس موقف اختيار ڪرڻو پوندو. صدر پيشيور ماڻهن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي ??اءِ آن لائين تربيت، انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ نفسياتي معاونت فراهم ڪرڻ، مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ خاندان جي ڪردار تي روشني وڌي. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي تنظيمن سميت مختلف ڌرين جي ??دد سان ٺوس موقف جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صحت واري نگران وفاقي وزير صحت جي ??ختلف مسئلن بابت شعور اجاگر ??رڻ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي ??ائم ڪيل روايت برقرار رهندي ۽ ان تي عمل جاري رکيو ويندو.
ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهي وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون