اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايران ??ي صدر ابراهيم رئيسي غزه ۾ جاري قتل عام ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي خاتمي لاءِ اسلامي ملڪن پاران ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اٽڪل 45 منٽ تائين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه سميت والاريل فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ قبضي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن سميت 19 هزار کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادتن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي لاڳو ڪرائڻ ۽ ناقابل بيان ??سرائيلي ظلمن کي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، تي ٻڌل فلسطين مسئلي جو من??فاڻو حل وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ اهم آهي. صدر ان مقصد جي لاءِ سمورن سفارتي قدمن جي لاءِ پاڪستان ??ي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ موجوده صورتحال بابت ايران ??ي خدشن ۽ قدمن کي ساراهيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت تي پڻ ا??را??ي قيادت کي ساراهيو. صدر 15 ڊسمبر 2023ع تي سيستان – بلوچستان ۾ هڪ ا??را??ي پوليس اسٽيشن تي ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي تي ايران ??ي حڪوم?? ۽ ??ائر عوام سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران ??ان ??ڏج?? ڪم ڪرڻ جي پاڪستان ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي من?? – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ گبد – پولن بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي گڏيل افتتاح کي ٺوس اڳڀرائي قرار ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ا??را?? ڀائر اسلامي ملڪ آهن جن جي ثقافت، مذهب ۽ تاريخ هڪ آهي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??ڏج?? ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ ايران پاران غزه ۾ جاري قتل عام ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي خاتمي لاءِ اسلامي ملڪن پاران ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania