اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) صدارتي اليڪشن ۾ م??الف اتحاد جي اميدوار م??مود خان اچڪزئي چيو آهي ته آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، فضل الرحمان جو ووٽ ملڻ گهرجي ها. تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو، ملڪي ت??ريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نه ڪنهن ووٽ خريد ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وڪرو ڪيو. صدارتي اليڪشن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آصف علي زرداري هڪ مڃيل سياستدان آهي. اميد آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻندو. هن چيو ته شبلي فراز س??يت ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو. اميد هئي ته مولانا فضل الرحمان جو ووٽ مون کي ملندو. هن چيو ته ملڪ خاطر اسان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ