اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سيد يوسف رضا گيلاني کي س??نيٽ چيئرمين ?? سيدال ناصر خان کي ڊپٽي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الحمدالله! اڄ سينيٽ ۾ به جمهوري عمل مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ پاڪستاني عوام جي اعتماد جو عڪاس آهي. هن چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ?? سيدال ناصر خان تجربيڪار سياستدان آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاق جي اڪائين جي مضبوط ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو اهم ڪردار آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سيد يوسف رضا گيلاني ?? سيدال ناصر خان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندا رهندا.
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania