اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چي?? آهي ته فري لانسرز جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. ايندڙ ب??يٽ ۾ آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪرنٽ ۽ ڊو??پم??نٽ ٻنهي محاذن تي نمايان فنڊ رکيا ويا آهن. ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو و??ندو. پوسٽ ب??يٽ پريس ڪانفرنس دوران هن ٻُڌايو ته هن وقت اسان جي آءِ ٽي جي روانگي واپار 3.5 رب ڊالر آهي جنهن کي 7 کان 8 ارب ڊالرن تائين وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن لاءِ جيڪا فنانس ٿيڻي هئي اها نه ٿي آهي، ننڍن ڪاروبارن لاءِ بئنڪن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل ڪجهه هفتن کان اسان جي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ پاڪستان بئنڪرز ايسوسيئيشن سان ان حوالي سان ميٽنگون ٿيون آهن، ان ميٽنگز ۾ زراعت، آءِ ٽي ۽ ايس ايم ايز لاءِ فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن شعبن لاءِ ب??يٽ سبسڊي تحت به رقم رکي وئي آهي. ايس ايم ايز جي فرسٽ لاس جي گارنٽي حڪومت ڏيندي، اهڙيءَ طرح ايڪسپورٽ فنانسنگ جو شعبو هاڻ ايگزم بئنڪ کي منتقل ٿي رهي?? آهي، جنهن سان ايس ايم ايز کي فائدو پهچندو.
فري لانسرز جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي: محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil