اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته يومِ ??هد??ءِ پوليس، بهادر پوليس آفي??رن ۽ اهلڪارن جي جرئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ?? روشن بڻايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ بيان موجب وزيراعظم يومِ ??هد??ءِ پوليس جي موقعي تي پوليس جي شهيد آفي??رن توڙي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي، پنهنجي پيغام ۾ چ??و ته ڏوهن جي پاڙ پٽيندي پنهنجون حياتيون قربان ڪندڙ اهلڪارن جون قربانيون لازوال آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه پهرين جٿي طور پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. هن چ??و ته پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ?? روشن بڻايو آهي. پوليس جا شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سڄي قوم شهيد پوليس اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چ??و ته شهيد آفي??رن ۽ اهلڪارن جي ڪٽنبن جو خيال رکڻ حڪ??مت جي ذميداري آهي. ان حوالي سان ڪا ڪوتاهي ٿيڻ نه ڏبي. هن چ??و ته وفاقي حڪ??مت شهيدن جي ٻارڙن جي تعليم ۽ صحت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. شهيدن جي ڪٽنبن جو هر طرح سان خيال رکيو ويندو. هن چ??و ته مون پنجاب جي وڏي وزير طور پڻ پنهنجي دور ۾ پوليس جي شهيدن جي ڪٽنبن لاءِ هڪ وڏو ۽ تاريخي پيڪيج ڏنو هو.
يوم شهداءِ پوليس: بهادر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جرئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو پيغام
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ