اسلام آباد _28 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وز??ر عبدالعليم خان سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت نائب وز??ر ابراهيم المبارڪ سان وڊيو لنڪ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. سومر ڏينهن تي ٿيل ورچوئل ملاقات ۾ سعودي وفد جي تازي پاڪستان جي دوري جي روشني ۾ سيڙپڪاري جي معاملن کي اڳتي وڌائڻ ج?? جائزو ورتو ويو .وفاقي وز??ر سعودي سيڙپڪاري بابت وز??ر خالد بن عبدالعزيز الفالح جي مثبت جواب جي آجيان ڪئي . اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ پاڪ – سعودي جوائنٽ وينچ??ز ۽ ايم او يوز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي اختيارين وفاقي سيڙپڪاري واري وز??ر کي 25 ۽ 26 نومبر تي سعودي جي ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني . وفاقي وز??ر چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن تعاون کي يقيني بڻايو ويندو . هن چيو ته سعودي وز??ر خالد بن عبدالعزيز الفالح جي دوري جي روشني ۾ سيڙپڪاري کي تڪميل تائين پهچائينداسين. عمل جوڳي قدمن سان سيڙپڪاري جي ايجنڊا کي مڪمل ڪيو ويندو . اجلاس ۾ سعودي اختيارين سيڙپڪاري جاري رکڻ تي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ سيڙپڪاري لاءِ فالو اپ اجلاس جاري رکڻ ۽ عملي نتيجو آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير ??حمد فاروق پڻ وڊيو لنڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،وفاقي سيڪريٽري ۽ نجڪاري ڪميشن واري سيڪريٽري پڻ ورچوئل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
سيڙپڪاري بورڊ ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران سعودي اختيارين سان فالو اپ اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج