رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ سعو??ي عرب جي تعاون سان پا??ستان کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحا??ي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته پا??ستان ۾ سعو??ي عرب جي تازي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سيڙپڪاري معاهدن جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، معاهدن تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ عملدرآمد جي شروعات خوش آئنده ڳالهه آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا ۽ ٻ??رف?? لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي سعو??ي عرب جي شاهي ديوان جو مشير محمد بن التويجري کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ پا??ستاني وفد جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو منعقد ڪرڻ سان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مدبراڻي سوچ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، سمٽ ۾ شموليت تي اسان کي دلي خوشي ٿي آهي، ان موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان اهم ۽ ڪارائتي ملاقات ٿي، ان ملاقات سان سعودي ولي عهد جي پا??ستان ۽ پا??ستاني عوام سان گهري وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن آءِ ايم ايف سان پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعو??ي عرب جا ٿورا مڃيا، اميد آهي ته هي آءِ ايم ايف سان پا??ستان جو آخري پروگرام هوندو، انشاءَ الله ان کانپوءِ اسان سخت محنت، ڪوششن ۽ ڀائر ملڪ سعو??ي عرب جي تعاون سان پا??ستان کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحا??ي جي منزل جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوش ائنده آهي ته اڄ ۽ ڪالهه جي ملاقاتن ۾ اسلام آباد ۾ طئي ٿيندڙ معاهدن کانسواءِ وڌيڪ معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي، اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ڪجهه معاهدن تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي جيڪا وڏي خبر آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ انهن معاهدن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري ٻيهر پنهنجي گهر ايندو، ان دوري کان اڳ اسان کي انهن معاهدن تي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي، سندس چوڻ هو ته سعو??ي عرب جي عظيم ٽيم سان گڏجي اسان معاهدن جي نظام الاوقات تي عملدرآمد ۾ ڪامياب ٿينداسين، مون کي اميد آهي ته اڳئين ڀيري جڏهن آئون سعو??ي عرب ايندس ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ وڌيڪ سٺين خبرن سان گڏ ايندس. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ سعو??ي عرب گڏجي اڳتي وڌندا ۽ متحد ٿي ٻ??رف?? لاڳاپن کي فروغ ڏيندا. ڀاءُ عزيز ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي مدبراڻي قيادت ۾ نه رڳو پا??ستان پر مسلمان امت جي عوام جي لاءِ قدم جاري رهندا. وزيراعظم چيو ته 25 لک پا??ستانين جي ميزباني تي اسان سعو??ي عرب جا ٿورائتا آهيون، اهي پا??ستاني سعو??ي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پا??ستان ۽ سعو??ي عرب جي عوام کي هڪ خاندان وانگر قرار ڏيندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سعو??ي عرب جي ضرورتن موجب هنرمند افرادي قوت تيار ڪرڻ جي قابل ٿيون جنهن سان نه رڳو سعو??ي عرب جي ترقياتي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي پر ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو حصو به ادا ڪرڻ جا قابل ٿينداسين. سعو??ي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني تي اسان کي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم ڪالهه ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات کانسواءِ آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي، پا??ستاني وزيراعظم فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو کي اهم خطاب ڪيو ۽ سڄي دنيا مان آيل سيڙپڪارن ۽ بزنس ليڊرن کي پنهنجي خيالن ۾ شريڪ ڪيو. هن چيو ته اربع ڏينهن محمد التويجري جي قيادت ۾ پا??ستان سان ورڪنگ سطح جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ پا??ستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا جيڪي اڳ ۾ به بلند آهن کي وڌيڪ نئين بلندين تائين پهچائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڳالهه ٻولهه م معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سعو??ي عرب لکين پا??ستانين جو گهر آهي. هن چيو ته 3 هفتا اڳ سعودي سيڙپڪاري وفد پا??ستان جو دورو ڪيو، پا??ستان جي قيادت گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ اسان جي شاندار ميزباني ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۽ ويزن جي روشني ۾ اسان تيزي سان اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون، پا??ستان جي دوري دوران 2.2 ارب ڊالر ماليت جي 27 معاهدن تي صحيحون ٿيون هيون جيڪا رڳو هڪ شروعات آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه کانپوءِ انهن معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي جڏهن ته ان جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته 5 معاهدن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي، پا??ستان مان زراعت سان لاڳاپيل روانگي واپار پڻ شروع ٿي چڪو آهي، وڌيڪ 5 معاهدن تي عملدرآمد جي حوالي سان اعلان لاڳاپيل ڪمپنيون ڪنديون. سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ زراعت، توانائي ۽ مينوفيڪچرنگ بابت معاهدا ٿيا هئا، صحت جي شعبي ۾ پڻ پا??ستان سان تعاون جاري آهي ۽ پا??ستان ۾ سعو??ي عرب جو سفير ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي. سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعو??ي عرب ۾ پا??ستاني ورڪرن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو جنهن سان پا??ستان کي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ پا??ستان مان 300 طبي افرادي قوت سعو??ي عرب ايندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ عالمگير ڊيجيٽل اسپيس جي حوالي سان پوري دنيا جون نظرون سعو??ي عرب تي آهن، اسان پنهنجي ڊيجيٽل اسپيس ۾ پا??ستاني ڪمپنين جي شموليت جا منتظر آهيون، اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم پا??ستان جي دوري ۽ سندس ويزن ۽ سڌارن ۽ سعودي ولي عهد جي هدايت موجب پا??ستان انهن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندو. هن چيو ته ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پا??ستان کي ترجيحي حيثيت ڏني آهي ۽ پا??ستان سان مسلسل رابطن جي لاءِ هن محمد التويجري کي ذميواريون ڏنيون آهن. سعو??ي عرب جي ٽيم جي پا??ستان جي ٽيم ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان رابطا قائم آهن. هن چيو ته سعودي سيڙپڪاري واري وزارت ۾ به هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا پا??ستان ۾ سعو??ي عرب جي سفير سان رابطي ۾ آهي.
پاڪستان ۾ سعودي عرب جي تازي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، سيڙپڪاري معاهدن جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ