اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وقتي ص??ر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پراپرٽي جي تحفظ جي لاءِ خصوصي عدالت قائم ??رڻ جي بل جي منظوري اهم اڳڀرائي آهي، بل ت??ت خصوصي عدالتون اوورسيز پاڪستانين جي ملڪيتن تي ناجائز قبضي بابت مسئلا 90 ڏينهن ۾ اڪلائينديون، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي ص??ر سيد يوسف رضا گيلاني اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا سان ڳالهائي ??هي?? هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي ص??ر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اوورسيز پاڪستاني مٽاسٽا جي ناڻي جي ذريعي ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي مفادن جي تحفظ جي لا??ِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. وقتي ص??ر سمنڊ پار پاڪستانين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي عدالتون قائم ??رڻ جي لاءِ حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ