اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪ??مه ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جو??نن نائب ص??بيدار طيب شاهه، لانس نائيڪ گلاب زمان، لانس نائيڪ مزمل محمود ?? لانس نائيڪ حبيب الله جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ش??يدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جو??نن جون قربانيون هرگز ضايع نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن