اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته گذريل ڏينهن 3 ڊسمبر تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سم??ريون درخواستون ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ حج درخواستون ج??ع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائين سبب ڀلي پار ويندڙن ج?? درخواست تي درخواستن تي وصوليءَ ۾ 7 ڏينهن ج?? واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڀلي پار ويندڙن کي خوشخبري ڏني آهي ته 3 ڊسمبر تائين حج درخواستون ج??ع ڪرائيندڙ سم??رن اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول ٿيل درخواستون به ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم ۾ درخواستون هاڻ 10 ڊسمبر تائين نامزد بئنڪن ۾ ج??ع ڪرائي سگهبيون، ڪوٽا کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻا ڪڍيا ويندا. هن چيو ته سم??ڊ پار پاڪستاني 10 ڊسمبر تائين اسپانسرشپ جي رقم لازمي ج??ع ڪرائين، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول درخواستگذارن کي بنا ڪُڻن ج?? ڪامياب قرار ڏنو ويندو. وزارت جي ويب سائٽ تي آن لائن پورٽل ذريعي گهر ويٺي حج درخواستون ج??ع ڪرائي سگهجن ٿيون. ڀلي پار ويندڙ کي نين هدايتن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
اڱاري تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب قرار
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار