اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) بئ??ڪاري جي شعبي ۾ ”ايڊوانسز ٽو ڊپازٽ شرح“ (اي ڊي آر) جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ??اء?? نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري م??لڪ??ي وزير، اسٽيٽ بئ??ڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب شرڪت ڪندڙن معيشت جي پيداواري شعبن کي مجموعي طور تي قرض ڏيڻ تي اي ڊي آر پاليسي جي استعمال، ٽيڪس اوڳاڙين جي هدفن تي ان جي اثرن ۽ بئ??ڪنگ سيڪٽر جي ??اء?? بهترين ماحول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حڪومت فنانس ايڪٽ 2022ع تحت 50 سيڪڙو کان گهٽ اي ڊي آر تناسب وارين بئ??ڪن جي ??اء?? سيڙپڪاري جي آمدني تي وڌيڪ ٽيڪس جي شرح متعارف ڪرائي هئي. ان ٽيڪس جو مقصد واپاري قرضن ۽ ٽيڪس جي غيرفعال آمدني کي وڌيڪ شرح تي وڌائڻ آهي جيڪا عدم محنت سان ٿيندڙ آمدني آهي. 2024ع جي موجوده ٽه ماهي ۾ بئ??ڪاري شعبو وڌيڪ ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي ??اء?? اي ڊي آر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ اي ڊي آر تي ٻڌل ٽيڪس نظام جي متبادل طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بئنڪاري شعبي ۾ ”ايڊوانسز ٽو ڊپازٽ شرح“ جي مسئلي جي حل لاءِ اجلاس
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا