برسلز- 21 فيبروري (اي پي پي)يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي جي معاملن بابت هاءِ ڪمشنر جوزف بوريل چيو آهي ته عوام کي ??ردن در??اه?? جي اولهندي ڪناري ۾ رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کا?? روڪيو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. هن برسلز ۾ منعقد ٿيل پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کا?? اڳ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته فلسطينين کي ??مضان المبارڪ ج?? مهيني ۾ 11 مارچ کا?? 09 اپريل تائين مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کا?? روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا. هن چيو ته گذريل هفتي به رفح سرحد تي اسرائيل جي حملن کي ??وڪڻ جي اپيل ڪئ?? هئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ان حوالي سان اسرائيل تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ ج?? مهينو ويجهو پهتو آهي جيڪڏهن رمضان المبارڪ دوران فلسطينين کي مسجد ڏانهن وڃڻ کا?? روڪيو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. واضح رهي ته اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ??اه?? چيو هو ته رمضان المبارڪ دوران فلسطينين جي مسجد الاقصيٰ ۾ داخلا محدود ڪئي ويندي.
فلسطينين کي رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری