تل ابيب/غزه-11 آڪٽوبر (اي پي پي)اسر??ئي?? گذريل 5 ڏينهن کان جاري فضائي حملن کان پوءِ هاڻي غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائيءَ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ 3 لک اسر??ئي??ي فوجي غزه جي سرحد تي گڏ ٿي چڪا آهن. اسر??ئي?? اڳ ئي غزه جو مڪمل گهيرو ڪري کاڌي پيتي، پاڻي، ٻارڻ ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي. الجزيره ۽ بي بي سي مطابق غزه جي عملدارن چيو آهي ته علائقي کي بجلي فراهم ڪندڙ بجلي گهرن ۾ ڪ??هه ڪلاڪن جو ٻارڻ رهجي ويو آهي، جنهن بعد ان بجلي گهر مان بجلي جي پيداوار مڪمل طور تي بند ٿي ويندي ۽ پورو علائقو اونداهه ۾ ٻُڏي ويندو. عملدارن مطابق هن وقت غزه ۾ وڏو الميو جنم وٺي رهيو آهي ۽ هتي جي رهواسين کي زندگيءَ جي ضرورتن جي شين تائي رسائي حاصل ناهي. اسر??ئي??ي هٿياربند فوج جي ت??جمان 3 لک ريزور فوجين جي غزه جي سرحد تي گڏ هجڻ جي ت??ديق ڪئي آهي. اسر??ئي??ي فوج غزه جي علائقي بيت هانون ۾ گذريل رات دوران 80 هدف ۽ الفرقان ۾ 200 هدفن کي فضائي حملن جو نشانو بنائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ان ڪارروائيءَ دوران علائقي ۾ حماس کي فنڊز جي فراهمي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻن بئنڪن، حماس جي ٻن آپريشن ڪمانڊ سينٽرز، هڪ سرنگ ۽ غزه جي فضائي حدن ۾ جهازن جي نشاندهي ڪرڻ وارن مرڪزن کي ت??اهه ڪري ڇڏيو آهي. اسر??ئي??ي فوج چيو آهي ته غزه ۾ جنگ ۾ تمام وڏي تيزي آندي ويندي ۽ اتي ايتري ت??اهي ٿيندي ايندي جو اتان جا ماڻهو اهو برداشت نه ڪري سگهندا. آمريڪا جي ق??مي سلامتي جي مشير جيڪ سيلوان چيو آهي ته سندس ملڪ غزه جي رهواسين کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ لاءِ اسر??ئي?? ۽ مصر سان گڏ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هوڏانهن اولهندي ڪناري جي هزارين فلسطيني رهواسين غزه ۾ اسر??ئي?? جي فضائي حملن خلاف احتجاج ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙن فلسطيني جهنڊي ۽ اسر??ئي??ي فضائي حملن ۾ شهيد ٿيلن جون تصويرون کنيل هيون.
اسرائيل طرفان غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائيءَ جو اعلان، 3 لک ريزرو فوجي سرحد تي گڏ ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی