ميڪسيڪو سٽي -01 نومبر (اي پي پي) لاطيني آمريڪا جي ملڪ بوليويا غزه ۾ اسرائيل جي فوج طرفان جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿيڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خل??ف احتجاج ڪندي اسرائيل سان سفارتي ناتا ختم ڪري ڇڏيا آهن. الجزيره جي رپورٽ مطابق بوليويا بعد لاطيني آمريڪا جي وڌيڪ ملڪن اسرائيل خل??ف اهڙيون ئي ڪارروائيون ڪري سگهن ٿا. بوليويا جي صدر لوئس آرس جي انتظاميه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان غزه پٽي تي حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ??يو?? ٿا جنهن ۾ هاڻي تائين هزارين شهرين جون حيا??يو?? ضايع ٿي چ??يو?? آهن ۽ لکين فلسطينين کي زبردستي بي گهر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ان اڳ غزه ۾ به اسرائيل جي فوج جي ڪارروائي بعد بوليويا اسرائيل سان سفارتي ناتا ختم ڪيا هئا جيڪي 10 سالن بعد 2019ع ۾ بحال ٿيا.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج