رياض-03 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جاپان ۾ زلزلي سبب وڏي پيماني تي ٿيل جاني نقصان تي تي افسوس جو اظهار ڪندي جاپان ۽ ان جي دوست عو??م سان افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪي?? آهي. سودي عرب جي پريس ايجنسي مطابق بيان ۾ سعودي عرب طرفان جاپان جي حڪومت ۽ ان جي عو??م سان ايڪتا جو اظهار ڪي?? آهي. بيان ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي خواهش جو پڻ اظهار ڪي?? آهي. واضح رهي ته نئين سال جي آغاز تي جاپان ۾ طاقتور زلزلي سبب 64 مڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. زلزلي سان ??ڏو گڏ سونامي جون لهرون پڻ جاپان جي اولهندي ڪناري جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويون. جاپان جي ميٽرولا??يڪ?? ايجنسي جو چوڻ آهي ته 90 منٽن جي دورانيي ۾ زلزلي جا 21 لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 4 يا ان کان به وڌيڪ هئي. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ شديد لوڏا 7.6 جي شدت جا هيا.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2