اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن جي دوران پاڪستان جي اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح 4.48 کان وڌيڪ رهي آهي ۽ هاڻي هو غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ وڏا سيڙپڪاري جا موقعا پيش ڪري ٿو، ڪرغزستان ۽ پاڪستان وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون (ڪاريڪ) جا ميمبر هجڻ جي ناطي خطي ۾ ٽرانسپورٽ، توانائي، وا??ار?? پاليسي ۽ غربت گهٽائڻ ۾ سهولت جي چ??ر ترجيحي شعبن ۾ هدف حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ا??ا ڳاله?? جمهوريه ڪرغزستان جي اقتصادي واري وزير جوشيوارزيبڪ ۽ زوبيڪوچ جي قيادت ۾ ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ڪرغز وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان ا??م اصلاحاتي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد مالياتي استحڪام، مقامي وسيلن جي تحريڪ، سبسڊيز کي مرحليوار ختم ڪرڻ، بجلي ۽ ٻين سرڪاري شعبن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سماجي تحفظ جي نظام کي سگهه ڏيڻ آهي، هن چيو علائقائي مواصلاتي رابطن جو فروغ پاڪستان جي حڪومت جي ت??قي??تي حڪمت عملي جي ستن ٿنڀن مان هڪ آهي ۽ حڪومت ان قدم جي سرگرمي سان پيروي ڪري رهي آهي.
گذريل سالن جي دوران پاڪستان جي اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح 4.48 کان وڌيڪ رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر