اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪا??وبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، سي پ??ڪ منصوبي تحت مختلف شعبن ۾ طئي ٿيل منصوبن ک?? عملي جامو پارائڻ اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه چيني ڪا??وباري برادري جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ 55 کان وڌيڪ مختلف چيني ڪمپنين جا سربراهه شامل هئا، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، منصوبابندي وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين زبير گيلاني، ايف بي آر جو چيئرمين شبر زيدي ۽ ٻيا ??امل هئا. پاڪستان ۾ چين جو سفير به ملاقات ۾ موجود هو.
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea