اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت جو والاريل ??شم??ر جو گهيراءُ ختم ڪرائي، ڀارتي فوج کي والاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ??يڊيا ?? انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ??شم??رين جي جان ڇڏي، پاڪستان ??شم??رين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ??شم??رين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، مون کي پڪو يقين آهي ته ??شم??رين جون قربانيون رنگ لائينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ??شم??رين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت سدائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آهي، پاڪستان سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ اهم ڏينهن آهي، استحصال جو ڏهاڙو ملهائن جو مقصد ??شم??ر جي حوالي سان اسان جي بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آهي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته ??شم??ر تڪرار تي اسان سڀ متحد آهيون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي خطرناڪ قدم کنيو، ??شم??ر کي جيل خانو بڻايو ويو، ??شم??رين تي ظلم ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. هن چيو ته رياستي دهشتگردي جي ذريعي ??شم??رين تي انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن، اسان ??شم??ري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ظلم کي هر فورم تي اجاگر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي ??شم??رين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي، ??شم??ري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي ويا آهن.
عالمي برادري ڀارت جو والاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪرائي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں