اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته پاڪستان جي اينيميشن انڊسٽري ۾ هر سال ويهوڻو اضافو ٿي رهيو آهي، گيمنگ انڊسٽري هن وقت 550 ارب ڊالر جي مارڪيٽ آهي، سال 2021ع جي آخري ۾ صرف ايني ميشن انڊسٽري 300 ارب ڊالر جو هدف عبور ڪ??ي ويندي، پاڪستان ان ۾ 8.4 ارب ڊالر جو فيئر شيئر حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايني ميشن، گيمنگ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ۽ برطانيه جي بورن موٿ يونيورسٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات وا??ي وزير چي?? ته بورن موٿ يونيورسٽي ۽ ان جو نيشنل سينٽر فار ڪميپوٽر ايني ميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ جرنلزم ۾ مهارت سان عالمي سطح تي تسليم ٿيل ۽ اعليٰ ڪارڪردگي رکندڙ ادارو آهي. هن چي?? ته ايني ميشن ۽ گيمنگ جي شعبي ۾ ڪمپنين جي ڪاروبار ۾ اضافو خوش آئنده آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي 25 سال ۽ 40 سيڪڙو آباد 20 سال کان گهٽ عمر جي آهي، بورن موٿ يونيورسٽي سان حصيداري سان پاڪستاني نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا موقعا ملندا. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چي?? ته بورن موٿ يونيورسٽي سان گڏجي پاڪستاني نوجوانن ۾ گيمنگ ۽ ايني ميشن جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، چوڌري فواد حسين چي?? ته پاڪستان ۾ هن وقت 200 کان وڌيڪ ٽي وي چئنلز ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڊجيٽل چئنلز جي تعداد ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبي ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن، اسان ف??م انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چي?? ته ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي ڊگريز لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن، اطلاعات وا??ي وزير چي?? ته بورن موٿ يونيورسٽي پاران تعاون جي فراهمي ان شعبي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون. ان کان اڳ مفاهمت جي يادداشت تي نيشنل ميڊيا يونيورسٽي جي فوڪل پرسن ثمينه فرزين صحيح ڪئي. مفاهمت جي يادداشت ميڊيا، ايني ميشن ۽ گيمنگ جي شعبن ۾ تعاون لاءِ راهه هموار ڪندي، ان موقعي تي بورن موٿ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چي?? ته بورن موٿ يونيورسٽي کي اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت سان ان حصيداري تي خوشي آهي، ان حصيداري سان پاڪستاني شاگردن کي موقعا ميسر ايندا، اسان ان شعبي ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي موقعي تي وائيس چانسلر بورن موٿ يونيورسٽي پروفيسر جان ويني، چي?? آپرٽنگ آفيسر جم اينڊريو، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ اين سي سي اي ڊاڪٽر رچرڊ، ايف ايم سي جي سينئر ليڪچرر ڊاڪٽر ريحان ضياءُ، هيڊ آف انٽرنيشنل مارڪيٽنگ اينڊ اسٽوڊنٽ ريڪرومينٽ اينڊ ريبرڊ ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپ ڊولپمينٽ مينيجر ڊاڪٽر الاسٽيئر موريس وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.
گيمنگ انڊسٽري هن وقت 550 ارب ڊالر جي مارڪيٽ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس