اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري اف??انستان جي تعمير جي ضرورت آهي، سمورين ذميوار ملڪن کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي، ان موقعي جو فائدو حاصل ڪري هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي وڃي جنهن ۾ مستحڪم ۽ پرامن اف??انستان خطي جي حقيقي گنجائش کي ڪتب آڻن ۾ اسان جو مددگار ثابت ٿئي. اف??انستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ لاءِ دنيا کي ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. خليج ٽائيم ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون ۾ پرڏ??هي وزير چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين مصائب کان پوءِ اف??انستان هڪ تاريخي ٻواٽي تي بيٺل آهي جتي يا ته هو آخرڪار تڪرار ۽ عدم استحڪام جي سلسلي مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو يا وري رياست ناڪامي طرف وڃي سگهي ٿو جنهن سان اف??ان عوام لاءِ وڌيڪ ناقابل برداشت مسئلا پيدا ٿيندا ۽ خطو متاثر ٿيندو. هن چيو ته اف??انستان جي صورتحال کان پاڪستان کي پڻ وڏو جاني مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو پر ان باوجود اسان ثابت قدم رهياسين. پرڏ??هي وزير چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان اسان ان سان لاتعلق نه رهي سگهياسين. پرڏ??هي وزير چيو ته اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد پاڪستان اف??انستان ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو کليل رکيو جڏهن ته اسان جي قومي اڏام پي آءِ اي سفارتي مشنز، بي?? الاقوامي تنظيمن، آءِ اين جي اوز ۽ ميڊيا اهلڪارن جي نيڪالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏ??هي وزير چيو ته اف??انستان جي بحران ۾ شدت يا ان جي تسلسل ۾ پاڪستان جو ڪو به ڪردار نه رهيو. جيتوڻيڪ اسان هميشه جنگ کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪ??ي آهي. پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان هميشه اسپائلرز تي زور ڏيندو رهيو ته هو اف??انستان ۾ استحڪام جي عمل کي روڪڻ کان پاسو ڪن. اف??انستان بري طرح مجروح آهي، جنهن کي سرد مهري نه بلڪه مرهم جي ضرورت آهي. سائبر پليٽ فارمز جو غلط استعمال ۽ عوام وچ ۾ تقسيم پيدا ڪرڻ لاءِ بي بنياد الزامن کي هوا ڏئي دنيا کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. پرڏ??هي وزير چيو ته بي?? الاقوامي برادري معاشي ۽ انساني تباهي کان بچڻ ۾ اف??انستان جي مدد ڪري، ماضي جي اهڙن اف??وسناڪ واقعن کي نه ورجايو وڃي جن اف??ان معاشري ۾ ڏڦيڙ کي وڌيڪ گهرو ڪيو ۽ فوجي ڪارروائي، بدانتظامي، بدعنواني ۽ مغربي ٽيڪس جي رقم ضايع ڪرڻ سبب صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ڪيو. هن چيو ته اف??انستان جي نئين نظم و نسق جي حوالي سان اسان اهو چئون ٿا ته حقيقي مفاهمت کي هٿي ڏني وڃي ۽ اهڙو حڪمراني وارو رستو اختيار ڪيو وڃي جنهن کي ڪنهن نسل يا صنف پنهنجي لاءِ خطرو محسوس نه ڪري. پرڏ??هي وزير چيو ته هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان نه صرف امن جي عمل لاءِ سهولتڪاري ڪئي بلڪه اف??انستان جي باري ۾ علائقائي نقطه نظر جوڙڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي. اسان اف??انستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مغربي ملڪن سان گڏوگڏ اف??انستان جي سمورين ڌرين سان رابطو ڪيو آهي. پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان بي?? الاقوامي طاقتن کي زور ڀريو آهي ته هو بي?? الافغان مفاهمت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ حقيقي ڪوششن تي توجهه ڏين ۽ اف??ان عوام ڏهاڪن جي تڪرار کان تنگ اچي چڪو آهي. هن صورتحال سبب اف??انستان کان پوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثرٿيندڙ ملڪ آهي، اسان هڪ پرامن 7 خوشحال خطو چاهيون ٿا جيڪو بي?? الاقوامي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيئي. ان سان اسان جو باهمي رابطي جي ايجنڊا جي حاصلات لاءِ پڻ مدد ملندي، جيڪو علائقائي اقتصادي انضمام جو سبب بڻجندو. هن چيو ته اف??انستان جي فياضانه مدد سان معاشي ۽ پناه گيرن جي بحران کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. ان مرحلي تي مالياتي نقصان عام اف??انين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو. اسان کي ان جو ڳلو دٻائڻ بدران ان ڏانهن مدد جو هٿ وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اچو ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري اف??انستان جي درد ۽ تڪليف کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. پاڪستان سمورن ذميوار ملڪن تي زور ڀري ٿو ته هو ماضي جي غلطين مان سبق سکن ۽ انهن کي ورجائڻ جي اجازت نه ڏين. اچو اسان ان موقعي مان فائدو حاصل ڪندي هڪ نئين دور جي شروعات ڪيون، جتي هڪ مستحڪم ۽ پرامن اف??انستان خطي جي حقيقي استعداد کي ڪتب آڻڻ ۾ اسان جو معاون ثابت ٿئي.
جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري افغانستان جي نئين سر تعمير ڪئي وڃي: شاه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا