اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي فراڊ سبب متاثر ماڻهو کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، نيشنل بئنڪ فراڊ سبب متاثر شهري کي 5 لک روپين جي رقم لازمي واپس ڪري. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته افسوس آهي ته بئنڪ پنهنجي ئي مينيجر جي هٿان ف??اڊ جو نشانو بڻجندڙ صارفين کي انصاف نه ڏئي رهيو آهي، فيصل آباد جي شهري محمد عب??ال??شيد بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ وقت 5 لک روپيا بئنڪ مئنيجر وٽ جمع ڪرايا، اڳوڻي برانچ مينيجر اختر حسين صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد شهري کي ڏني پر رقم اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرائي جڏ??ن ته 56 شهرين سان ف??اڊ جي ذريعي 9 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ڦٻائي وئي، شهري بئنڪ کان رقم واپسي ل??ءِ رابطو ڪيو پر ڪو به رليف نه ملي سگهيو جنهن تي شهري انصاف حاصل ڪرڻ ل??ءِ بئنڪنگ محتسب کي درخواست ڏني جنهن رقم واپسي جو حڪم ڏنو، نيشنل بئنڪ رقم واپس ڪرڻ جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪ م??نيجر جي صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد درست آهي ۽ بئنڪ ان جي پابندي جي مجاز آهي، شڪايت ڪندڙ درست رسيدن تي بئنڪ احاطي ۾ حاضر سروس بئنڪ م??نيجر کي رقم جمع ڪرائي، بئنڪ م??نيجر جو قدم بي ضابطگي ۽ بدانتظامي جي زمري ۾ اچي ٿو، صدر چيو ته بئنڪ شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ رد ڪرڻ ۽ پنهنجُون قانوني ذميداريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، بئنڪ محتسب جو فيصلو رد ڪرڻ جو ڪو به جواز پيش نه ڪيو ان ل??ءِ اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران وفاقي محتسب جو نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي فراڊ سبب متاثر ماڻهو کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری