اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ج?? 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فل??طيني هم منصب رياض المالڪي جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ فل??طين جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، فل??طين جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي، عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فل??طين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. فل??طيني پرڏيهي وزير فل??طين جي موجوده صورتحال کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران فل??طين جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ج?? 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي فل??طين مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ان پراڻي مسئلي جي جلد منصفاڻي حل ج?? مطالبي تي زور ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي فل??طين مسئلي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، پاڪستان فل??طين جي حوال?? سان پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف تي قائم آهي. هن چيو ته فل??طين جي حوال?? سان پاڪستان جي پاليسي پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجمان آهي. فل??طيني پرڏيهي وزير فل??طين ۾ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار ک?? ساراهيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي وچ ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ