راولپنڊي – 05 – اپريل (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير تاپس اڌيڪاري ??ي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپ?? کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري ??عبي موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان گڏيل مفادن جي بنياد تي نيپال سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي شعباجاتي لاڳاپن ??ي وڌائڻ چاهي ٿو، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ سمورن علائقائي ملڪ?? کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. معزز مهمان علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوشش?? کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي تعاون ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha