اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعي علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ??لاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان ڪابي??ا جي پهرين اجلاس ۾ پيش ڪيل ملڪ?? معيشت جي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪابي??ا جي گڏجي ملڪ کي انهن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ جي عزم کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش