اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شير??ني ۾ صنوبر ??ي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي هنگامي امداد جي وفا??ي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سان ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومت سان گڏجي 7 ڪلوميٽر جي دائري ۾ لڳل باهه کي وسائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن ??اق??ي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وڏا برن سينٽرز م??تقل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن چار زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال